پير نه هَٽن پوئتي

پير نه هَٽن پوئتي

پير نه هٽن پوئتي

پير نه هَٽن پوئتي (ڪتاب): هي نامياري عوامي شاعر استاد بخاريءَ جي چؤسٽن جو مجموعو آهي، جنهن کي سندس فڪري شاگرد علي دوسـت ’عـاجـز‘
سهيــڙيـو آهـي. هو لکـي ٿـو ته: ”چؤسٽن جي هن مجموعي ۾ ڪجهه رباعيون به شامل آهن. جيڪي ”لهر لهر دريا“ ۾ شامل هيون. ”لهر لهر دريا“ ۽ ”سوچون ڀڻڪا واڪا“ کان سواءِ جيڪي چؤسٽا ڪتابن ۾ شامل ٿيڻ کان رهجي ويا هئا، ۽ هِت هُت پکڙيا پيا هئا ۽ ٿورا ٿورا ٻين ڪتابن ۾ به آيل هئا، تن سمورن کي سهيڙي، هي مجموعو ترتيب ڏنو ويو آهي. هن ڪتاب جو هڪ ڇاپو 2001ع ۾ سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد ڇپيو هو. ساڳيو ڪتاب روشـني پبليـڪيشـن پاران 2002ع ۾ به شايع ٿيو، ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان 282 صفحن تي مشتمل هِن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو